دائود سيوستاني

دائود سيوستاني: ڪلهوڙن جي دؤر جو مشهور عالم ۽ بزرگ، ملا دائود سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ سيوستانيءَ جي نالي سان مشهور هو. مخدوم نوحرح جو همعصر هو. اولاد ۾ کيس هڪ پٽ ملا نورالحق هو، جيڪو ’استاد‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ملا دائود سيوستانيءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ 1738ع ڌاري سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.


لفظ دائود سيوستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو